ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا مرونال ٿڪر ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان ماضي ۾ پيار بابت بيان نه ورجائڻ جي درخواست ڪئي آهي.ياد رهي ته اداڪارا مرونال ٿڪر گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي سان محبت جو اظهار ڪيو هو.اداڪارا مارونل سنگهه شاهد ڪپور سان گڏ پنهنجي فلم ”جرسي“ جي پروموشن دوران ويرات ڪوهلي بابت ڳالهائيندي اعتراف ڪيو ته هڪ وقت هو جڏهن مان ويرات ڪوهلي جي محبت ۾ چريو ٿي ويس.هن انٽرويو دوران اداڪارا جنهن فلم جي پروموشن ڪري رهي هئي اها به ڪرڪيٽ جي موضوع تي ٻڌل هئي.اداڪارا پاران ڏنل اهو بيان هڪ ڀيرو ٻيهر انسٽاگرام پيج ’Ancient بالي ووڊ‘ ذريعي شيئر ڪيو ويو، جيڪو بالي ووڊ انڊسٽري ۽ ستارن سان لاڳاپيل خبرون شيئر ڪندو آهي.ڀارتي ميڊيا جي ڪيترن ئي ويب سائيٽس موجب اداڪارا مرونال ٿڪر ميڊيا کي درخواست ڪئي آهي ته منهنجي ماضي ۾ ڏنل بيان کي شيئر نه ڪيو وڃي.ميڊيا رپورٽن موجب جڏهن اداڪارا جو ويرات ڪوهلي سان پيار جو بيان سندس مداحن طرفان ريڊ ايڊٽ تي شيئر ڪيو ويو ته مرونال ٿڪر رد عمل ۾ ’اسٽاپ اٽ اوڪي‘ لکيو.اداڪارا جي اهڙي ردعمل تي مداح پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.










