لاهور(ويب ڊيسڪ)بابر اعظم پاڪستان جي ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ٽيم جو ڪپتان آهي جڏهن ته ٽيسٽ ٽيم جو نائب ڪپتان وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان آهي ۽ آل رائونڊر شاداب خان ون ڊي ۽ ٽي 20 ۾ بابر اعظم جي نائب جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.رپورٽون آهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شاداب خان کي عهدي تان هٽائڻ تي غور ڪري رهيو آهي.پاڪستان سپر ليگ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي اڳواڻي ڪندڙ 24 سالن جي شاداب خان کي 2020ع ۾ نائب ڪپتان بڻايو ويو.ڊسمبر 2020 ۾ شاداب خان بابر اعظم جي غير موجودگي ۾ نيوزيلينڊ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪئي.هن مهيني جڏهن قومي سليڪشن ڪميٽي شارجه ۾ افغانستان خلاف ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ ڪپتان بابر اعظم سميت پنج سينيئر ڪرڪيٽرن کي آرام ڏنو ته شاداب خان قيادت جون ذميواريون سنڀاليون پر شاداب خان کي ڪپتان جي حيثيت سان ٻنهي سيريز ۾ 1-2 تان ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو.جنوري 2023 ۾ پي سي بي ٽيسٽ اوپنر شان مسعود کي نيوزيلينڊ خلاف 3 ون ڊي ميچن لاءِ بابر اعظم جو نائب مقرر ڪيو هو، جنهن ۾ شاداب خان زخمي ٿيڻ سبب شرڪت نه ڪري سگهيو هو.هاڻ خبرون اچي رهيون آهن ته ڪرڪيٽ بورڊ شاداب خان کي ون ڊي ۽ ٽي 20 ٻنهي فارميٽ ۾ نائب ڪپتاني جي عهدي تان هٽائڻ جو خواهشمند آهي، جنهن جي شروعات اپريل 2023 ۾ نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي ۽ ٽي 20 سيريز سان ٿيندي.ٻئي طرف سليڪشن ڪميٽي نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي سيريز ۾ شاداب خان جي جاءِ تي ليگ بريڪنگ بالر اساما مير کي شامل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿي، کيس افغانستان خلاف سيريز لاءِ ٽن ريزرو رانديگرن ۾ شامل ڪيو ويو آهي.










