ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ رضوان ڪپتان ۽ سلمان نائب هوندو

ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي لاءِ رضوان ڪپتان ۽ سلمان نائب هوندو

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وائيٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ محمد رضوان کي ڪپتان ۽ سلمان آغا کي نائب ڪپتان مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. چيئرمين پي سي بي اهڙو اعلان پريس ڪانفرنس ۾ ڪيو. ان موقعي تي سليڪشن ڪميٽي جا ميمبر عاقب جاويد ۽ اظهر علي، نئون اعلانيل ڪپتان ۽ نائب ڪپتان به موجود هئا. هن چيو ته سليڪشن ڪميٽي ۽ مينٽرز اتفاق راءِ سان اهو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته بابراعظم ڪوچز جي مشوري بعد 2 آڪٽوبر تي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني ڇڏي گيم تي فوڪس ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. هاڻي ٻنهي فارميٽس لاءِ رضوان ۽ سلمان ترتيبوار ڪپتان ۽ نائب ڪپتان هوندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ٽيسٽ سيريز مان بابر کي ڊراپ ڪرڻ خلاف فخرالزمان ٽوئيٽ ڪئي هئي جنهن تي کيس شوڪاز ڏنو آهي، هن جي فٽنيس جو به مسئلو آهي. نقوي چيو ته ٽيسٽ سيريز م ڪاميابي جو ڪريڊٽ رانديگرن ۽ سليڪشن ڪميٽي کي وڃي ٿو. عاقب جاويد چيو ته ميچ کٽڻ جو ڪو فارمولا ناهي پر مقامي حالتن جو جائزو وٺي ان مطابق تياري ڪئي ۽ ٽيم مختلف ڪرڪيٽ کيڏي. محمد رضوان چيو ته چيمپئنز ڪپ وقت سينئر ۽ جونيئر پليئرز ۾ اختلاف هئا پر هاڻي ائين ناهي، اسين چاهيون ٿا ته نوجوان ٽيلينٽ کي برابر جو موقعي ملي.

پهنجو تبصرو موڪليو