وفاق ۽ پنجاب جي ڪابينا ۾ جلد ردو بدل ٿيندي

وفاق ۽ پنجاب جي ڪابينا ۾ جلد ردو بدل ٿيندي

اسلام آباد(بيوور رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) مخالف ڌر جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي منصوبن دوران حڪمران اتحاد برقرار رکڻ جي ڪوشش ۾ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن کي شامل ڪري وفاقي ۽ پنجاب ڪابينا ۾ تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان پي ٽي آءِ جي ڪجهه مرڪزي اڳواڻن کي به چيو آهي ته هو پارٽي کي ٻيهر منظم ۽ مضبوط ڪرڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن مخالف ڌر جي پارٽين پاران درپيش خطرن کي بهتر نموني منهن ڏئي سگهجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص مددگار شهباز گل انڪشاف ڪيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جلد وفاقي ۽ پنجاب ڪابينا ۾ تبديليون ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو