اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ گرمين جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو .گرمين جي موڪلن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي ته جنهن موجب وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن ۾ گرمين جي موڪلون 6 جون کان 31 جولائي تائين هونديون.نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليمي ادارا پهرين آگسٽ تي کلندا ۽ نئون سيشن پڻ پهرين آگسٽ کان شروع ٿيندو.










