وفاقي حڪومت ڪراچي بابت جلد اهم فيصلو ڪندي، اٽارني جنرل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ سمورن نالن جي صفائي جو ڪم اين ڊي ايم اي حوالي ڪندي کين هدايت ڪئي آهي ته حددخلين خلاف آپريشن به ڪيو وڃي ۽ صوبائي حڪومت اين ڊي ايم اي کي گهربل مدد مهيا ڪري. عدالت حددخلين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهراهه فيصل تي 14 آگسٽ جي حوالي سان سائين بورڊ لڳائڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو ته اهي سائين بورڊز حڪومت طرفان لڳايا ويا آهن ۽ اُنهن تي قائد اعظم جا قول لکيل آهن، ڇا قائد اعظم جا قول ٻڌائڻ جو اهو طريقو آهي، عدالت ڪشنر ڪراچي کي سمورا سائين بورڊز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي حد دخلين هٽائڻ بابت ڪمشنر ڪراچي جي رپورٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي. جنهن کي عدالت رد ڪندي چيوته سنڌ حڪومت عوام لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، نه سنڌ حڪومت ڪم ڪري پئي ۽ نه ئي لوڪل باڊيز ڪم ڪري رهيون آهن. چيف جسٽس گلزار احمد ڪمشنر ڪراچي سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ڪجهه نه ڪري سگهيا آهيو، رڳو هيليڪاپٽرز تي چڪر ڏئي واپس اچي ويندا آهيو. ان دوران اي جي سنڌ عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته اسان ويندا آهيون ته ماڻهو مارڻ شروع ڪندا آهن، امن امان جو مسئلو پيدا ٿي ويندو آهي، ٻن ٽن مهينن ۾ نالن تان حددخليون ختم ڪيون وينديون، چيف جسٽس چيو ته اها ته حڪومتي رٽ آهي، سڄي شهر ۾ گٽر جو پاڻي ڀريل آهي، پاڙن ۽ گهٽين ۾ گٽر جو پاڻي موجود آهي، ماڻهو پٿر رکي هلندا آهن، ڪمشنر ڪراچي رپورٽ ۾ چيو ته ڪراچي ۾ ٽن وڏن نالن تي اين ڊي ايم اي 514 ننڍن نالن تي ڊي ايم سيز طرفان ڪم ڪيو پيو وڃي، ماڻهو 10 سالن کان نالن تي رهن پيا، چيف جسٽس چيو ته گذريل 20 سالن کان توهان ڪجهه ناهي ڪيو. چيف جسٽس چيو ته سنڌ حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين صورتحال بدترين آهي، توهان جي حڪومت کي ڪيترا سال ٿي ويا آهن؟ توهان سڀ ويهي مزا وٺي رهيا آهيو، ڪراچي شهر ۾ حڪومت جي رِٽ ڪٿي آهي؟ سنڌ کي بهتر ڪير ڪندو؟ ڪراچي ۾ روڊ ناهن، بجلي ۽ پاڻي به نه آهي، ڇا ٻين ملڪن ۾ به ماڻهو اهڙن مسئلن تي سُپريم ڪورٽ ويندا آهن؟ ماڻهو ويچارا مجبور ٿي ويا آهن، هتي مافيا ويٺي آهي، جنهن جو مقصد رڳو ڪمائڻ آهي، حڪومت کي خبر به نه آهي ته ڪنهن جي ملڪيت ڪنهن جي نالي تي رجسٽر ٿي وئي آهي، سنڌ ۾ جيترا منصوبا شروع ڪيا ويا، سڀ ضايع ٿي ويا، ڪراچي، سکر، حيدرآباد ۽ دادو سوڌو سنڌ جي ڪنهن به ضلعي ۾ ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي، هڪ رُپيو به خرچ نه ٿيو ۽ سڀ پئسا ختم ٿي ويا، چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ڪراچي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي، مجموعي طور تي حڪومت قائم آهي پر ڪم نٿو ٿئي. هڪ موقعي تي اٽارني جنرل خالد جاويد خان عدالت کي ٻڌايو ته بلدياتي ادارن جي مدت ختم ٿي رهي آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي به ٺيڪ ناهي، وفاقي حڪومت مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي، آئين ۽ قانون مطابق جلد اهم فيصلو ڪيو ويندو، جنهن جو تفصيل في الحال ٻڌائي نٿا سگهون. عدالت چيو ته 10 سال بدامني ڪيس هليو هاڻي هي ڪيس پيو هلي، بل بورڊ به اسين هٽرايون، سرڪلر ريلوي به عدليه ٺهرائي، ڪچرو به عدالت کڻائي ته آخر حڪومت ڇا پئي ڪري؟.

پهنجو تبصرو موڪليو