وفاقي حڪومت خلاف اڄ ريفرنڊم ٿيندو، بئريسٽر

وفاقي حڪومت خلاف اڄ ريفرنڊم ٿيندو، بئريسٽر

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر محمد علي سيف چيو آهي ته اڄ وفاق خلاف ريفرنڊم آهي، گهيرو وڌيڪ سخت ڪيو ويندو.بئريسٽر سيف الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صوابي جو جلسو وفاقي حڪومت خلاف اهم سنگ ميل هوندو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني جي آزادي کانسواءِ ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي.بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته ن ليگ ملڪ کي آءِ ايم ايف جي رحم ڪرم تي ڇڏيو آهي، ن ليگ آءِ پي پيز تي استثنيٰ لاڳو ڪري ڇڏي آهي.خيبرپختونخواهه جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته وفاقي حڪومت وٽ دهشتگردي کي روڪڻ جو ڪو به منصوبو ناهي، ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ ن ليگ جي ذميواري ناهي.هن چيو ته مينڊيٽ چورن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو واحد حل چونڊون آهن، پي ٽي آءِ ملڪ ۾ حقيقي آزادي، آئين ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ جدوجهد جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو