وفاقي حڪومت بجلي ۽ گيس جي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري:امتياز

وفاقي حڪومت بجلي ۽ گيس جي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري:امتياز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجلي ۽ گيس جي معاملي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ازالو ڪري.پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ کي لکيل خط ۾ هن چيو ته مطالبا پورا ڪرڻ ۾ سنڌ سان ناانصافي افسوسناڪ آهي. خط ۾ امتياز شيخ چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت جي مشاورت سان نئين گيس پاليسي ٺاهي صوبي جي شڪايتن جو ازالو ڪري،توانائي واري وزير چيو ته آرٽيڪل 158 جي شقن کي وفاق آڏو اڳ به ڪيترائي ڀيرا اٿاريو ويو آهي پر وفاقي ادارا آئين تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.خط جي متن موجب توانائي واري وزير وفاقي ريگيوليٽري اٿارٽي اوگرا، پي ايس او، ايم پي سي ايل، پي پي ايل، ايس ايس جي سي جي ادارن ۾ سنڌ جي نمائندگي جو مطالبو ڪندي چيو ته ريگيوليٽري ادارن ۾ صوبائي نمائندگي سان صوبي جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو ۽ احساس محرومي ختم ٿيندي امتياز شيخ چيو ته ملڪ جي گيس جي پيداوار ۾ سنڌ جو حصو 62.30 سيڪڙو آهي، جڏهن ته تيل 35.89 سيڪڙو ۽ بجلي 20.52 سيڪڙو آهي،جڏهن ته ٿرڪول پراجيڪٽ ۽ ونڊ، سولر پراجيڪٽ ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، اميد آهي ڪجهه سالن ۾ هڪ لک ميگاواٽ تائين بجلي جي پيداوار وڌي ويندي.اها ڳالهه ڪنهن کان ڳجهي نه آهي ته سنڌ توانائي جي مسئلن جي حل جو حب آهي، هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته سنڌ جو عوام گيس جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان صوبو لوڊشيڊنگ ۽ لو پريشر جو شڪار آهي،گئس بند ٿيڻ سبب صنعتون بند ٿي رهيون آهن، جنهن ڪري نه رڳو بيروزگاري وڌي رهي آهي ۽ ملڪي معيشت کي سخت نقصان پچي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ روزاني جي بنياد تي گيس جي پيداوار 2111 ايم ايم سي ايف ڊي آهي، جنهن جي ضرورت 1600 کان 1700 ايم ايم سي ايف ڊي آهي ۽ اسان کي رڳو 700 کان 800 ايم ايم سي ايف ڊي گئس فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب گهريلو صارفين جا چلها بند ٿي ويا آهن ۽ صنعتون بند ٿي رهيون آهن. ۽ عوام ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي ٿي مٿين حقيقتن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت سان صلاح مشورا ڪري صوبي کي وڌيڪ گيس مختص ڪرڻ لاءِ نئين پاليسي جوڙڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيون ٿا ته جيئن گئس جي شعبي ۾ صوبي جي حقيقي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي،امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته ريگيوليٽري باڊيز ۾ صوبائي نمائندن جي شموليت ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار جي ترقي ۾ فائدي مند ثابت ٿيندي،امتياز شيخ چيو ته صوبائي حڪومت اتحادي حڪومت جو حصو هجڻ ڪري پراميد آهي ته اسان جي حقيقي مطالبن تي غور ڪيو ويندو ۽ مسئلا ختم ڪرڻ لاءِ فوري قدم کنيا ويندا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو