وفاقي حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي حقن جي قاتل آهي: پرويز الاهي

وفاقي حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي حقن جي قاتل آهي: پرويز الاهي

لاهور (م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي اتحادي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته موجوده وفاقي حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي حقن جي قاتل آهي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان مسلم ليگ ق اسڪاٽ لينڊ جي صدر شبير شاهه ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪي سياسي صورتحال ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي پرويز الاهي چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، ملڪي معيشت جي مضبوطي لاءِ اوورسيز پاڪستانين جي خدمتن کي وساري نه ٿا سگهون.پنجاب جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته بدقسمتي سان موجوده حڪومت اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم رکيو، موجوده وفاقي حڪومت اوورسيز پاڪستانين جي حقن جي قاتل آهي.هن چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني موجوده وفاقي حڪومت ۾ ڪنهن به پارٽي تي اعتماد نه ڪندا، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ جامع پاليسي آڻي رهيا آهيون.

پهنجو تبصرو موڪليو