وفاقي بجيٽ ڇا واقعي عوام کي مايوس ڪيو آهي؟

وفاقي بجيٽ ڇا واقعي عوام کي مايوس ڪيو آهي؟

ليکڪ  ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ

وفاقي حڪومت طرفان نئين مالي سال 22-2021ع لاءِ قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي، جنهن لاءِ امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اها اڄ منظور ڪرائي ويندي، جڏهن ته حڪومت وفاقي بجيٽ کي عوام دوست ته قرار ڏئي رهي آهي ۽ اهي دعوائون به ڪيون پيون وڃن ته موجوده حڪومت جي پيش ڪيل هيءَ بجيٽ عوام کي رليف ڏيندڙ آهي، پر افسوس ته ملڪ جي ڪمزور معاشي صورتحال، ٽئڪس اوڳاڙين ۾ گهٽتائي ۽ ناڪام پاليسين جي ڪري معاشي ماهرن توڙي عام ماڻهن کي ان سان ڪي خاص اميدون ناهن، گڏوگڏ مخالف ڌر پاران چيو پيو وڃي ته بجيٽ عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف جي شرطن موجب پيش ڪئي وئي آهي، غريب عوام کي بجيٽ وسيلي ڪو رليف ناهي ڏنو ويو. معاشي ماهرن موجب ڪنهن به ملڪ جي بجيٽ ان جي، جي ڊي پي مطابق جوڙي ويندي آهي، ان جي آمدني ۽ خرچن جي تناسب جو جائزو ورتو ويندو آهي، غير ضروري خرچن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پر تازو پيش ڪيل بجيٽ ۾ نه اهڙيون تجويزون شامل ڪيون ويون ۽ نه ئي عوام کي رليف ڏيڻ جا قدم نظر ٿا اچن. ان کانسواءِ ملڪ تي وڌندڙ قرضن جي بار به ڳڻتي ۾ وجهي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان ته اڳوڻين حڪومتن طرفان کنيل قرضن جي جاچ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي هئي ۽ سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ معيشت جي تباهي جو سڀ کان وڏو ڪارڻ ٻاهريان قرض ۽ ان تي ادا ٿيندڙ وياج آهي، جنهن ملڪ ۾ نه خوشحالي اچڻ ڏني آهي، نه ترقي ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي غربت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.

وزيراعظم طرفان مٿيون چيل ڳالهيون ته رڪارڊ جو حصو ٿي ويون آهن پر ٻڌايو وڃي ته موجوده تبديلي سرڪار جي ئي رڳو ٽن سالن اندر هزارين ارب رپين جا قرض ڪيئن کنيا ويا، ايترو وڏو پئسو قرضن جي مد ۾ حاصل ڪرڻ جي باوجود آخر ڪٿي خرچ ٿي رهيو آهي؟ اهو پڻ ٻڌايو وڃي ٿو ته موجوده حڪومت بجيٽ جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ کربين رپين جو قرض ورتو، مڃون ٿا ته قرض ملڪي معيشت لاءِ نقصانڪار هوندا آهن پر حڪومت قرضن وسيلي ملڪي نظام آخر ڪيستائين هلائيندي رهندي، ڇا هن ملڪ کي اڃا به قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو ويندو؟ موجوده حڪومت ملڪي تاريخ ۾ ٿوري عرصي دوران تمام گهڻا قرض کنيا آهن، جيڪا حڪومت قرضن جي خلاف هئي، اها ئي يوٽرن وٺي ملڪ تي قرضن جو بار وڌائي رهي آهي، بهرحال، هاڻي نئين مالي سال جي بجيٽ ته پيش ڪئي وئي آهي، پر هن وقت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بجيٽ خسارو، گردشي قرض ۽ عالمي مالياتي ادارن جا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي يا وري نوان قرض کنيا ويندا؟ ان ڳالهه تي افسوس ٿئي ٿو ته موجوده حڪومت به پنهنجي دعوائن جي ابتڙ اڳوڻين حڪومتن جيان قرض لاهڻ لاءِ وري قرض کڻڻ تي ڀاڙي رهي آهي، ڇا قرض وٺڻ جو اهو عمل اسان جي ملڪي معيشت هلائڻ لاءِ روايت بنائي وئي آهي، اڳ ئي ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ پيٽرول جا بحران پيدا ڪيا ٿا وڃن، مٿان وري بجيٽ به اهڙي پيش ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ عوام کي ڪي به سهولتون ملندي نظر نٿيون اچن. آخر هن اقتصادي بحران جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي؟ موجوده حڪمران ته ان جي سڄي ذميواري اڳوڻين حڪومتن ۽ عالمي وبا ڪورونا وائرس کي قرار ڏي ٿي، پر ڪورونا وائرس کي ايندي ڏيڍ ٻه سال ٿيا آهن معاشي صورتحال ته گهڻي وقت کان خراب هئي ۽ جڏهن به نئين حڪومت اقتدار سنڀاليندي آهي ته معاشي صورتحال ويتر اڳ کان به خراب ٿي ويندي آهي، جيڪا اسان وٽ هڪ فرسوده روايت بڻجي چڪي آهي.

موجوده بجيٽ کي ٽئڪس فري قرار ته ڏئي سگهجي ٿو پر واپاري ۽ ڪاروباري طبقي ان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، اهو نقطو به قابل ذڪر آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت وڌندي، ان حوالي سان به اڳواٽ ڪا حڪمت عملي بيان ناهي ڪئي وئي، صنعتن جي بحالي، ڪورونا وائرس ۽ لاڪ ڊائون کان متاثر طبقي لاءِ به ڪنهن قسم جي رليف جو اعلان ناهي ڪيو ويو، ان ڪري تازي پيش ڪيل بجيٽ مان ڪاروباري برادري به مايوس ٿي آهي. ملڪ جي نوجوانن کي جيڪي اميدون هيون، انهن تي به تبديلي سرڪار پوري ناهي لٿي. ٻيو ته هن حڪومت جي بجيٽ مان رليف جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي، ڪورونا سبب پورهيت طبقو وڌيڪ متاثر ٿيو آهي، اميرن کي فائدو ڏنو پيو وڃي. وڏي انگ ۾ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا آهن، بجيٽ کان پوءِ معاشي صورتحال اڃا خراب ٿيندي، هر ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته کيس موجوده حڪومتن مان رليف جي ڪا به اميد ناهي، ڇوته اسان جي ملڪ ۾ سدائين امير ماڻهن جي مالي مفادن جو تحفظ ڪرڻ واري بجيٽ ايندي آھي. هر بجيٽ ۾ مسڪين ماڻھو لاءِ اڳ کان به وڌيڪ مهانگائي ۽ بيروزگاري هوندي آهي، جيتوڻيڪ ڪورونا وائرس لاڪ ڊائون ۾ عام ماڻهو وڏي نقصان کي منهن ڏنو پر وفاقي حڪومت ماڻهن لاءِ ڪو رليف نه ڏئي سگھي، جيئن غريب ماڻهو سک جو ساھ کڻي سگھي، دعويٰ ته ڪئي ٿي وڃي ته عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور نموني قدم کنيا پيا وڃن پر وفاقي حڪومت غريبن تي نوان نوان ٽيڪس ھڻي پئي غريب عوام کي ڪجھه ڪونه مليو آھي، رليف صرف انھن ماڻھن کي ملندو جيڪي اڳ ئي شاهوڪار آھن، باقي غريب ماڻھو فاقاڪشي واري زندگي گذاريندا، حالت اها آهي جو بيروزگاري ۽ مھانگائي سبب عوام آپگھات تي مجبور آھي، ملڪ جي وڏي آبادي اڄ به غربت جي لڪير کان ھيٺ زندگي گذاري رهي آهي، بجيٽ مان گذريل ھر سال وانگر ھن سال به ڪا خاص اميد ناهي. اصل ۾ بجيٽ ته صرف نالو آهي، رليف ڏيڻ بدران مهانگائي جو طوفان برپا ڪيو وڃي ٿو، بلڪه هڪ ڪروڙ نوڪرين کان ويندي لکين گهرن ۽ بي روزگار الائونس ڪو به اعلان پورو نه ٿيندو. مهانگائي کي ڏسجي ٿو ته  عوام جي چيلهه چٻي ٿي پئي آهي. خاص ڪري مزدور، پورهيت ۽ ڏهاڙي ڪمائيندڙ ماڻهو پريشان حال نظر اچن ٿا. هن بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ ڏهه سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جيڪو بلڪل ٿورو آهي. مهانگائي تمام گهڻي ٿيندي پئي وڃي. رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به ڏهه سيڪڙو واڌ آئي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سيڪڙو يا ان کان وڌيڪ اضافو ڪرڻ گهرجي ها، بهرحال، حڪمران ٽولي آءِ ايم ايف جي اشاري تي بجيٽ جا انگ اکر لکي غريب عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. عوام کي سکڻا دلاسا ڏنا آهن ۽ ڪوڙيون دعوائون ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي. آئون سمجهان ٿو ته جيستائين ملڪ کي قرضن مان ڇوٽڪارو نه ڏياريو ويندو، تيستائين ملڪ ۽ عوام نه خوشحالي ماڻي سگهندو ۽ نه ئي ترقي جا گس کُلي سگهندا. advocateubedullah@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو