وسيم اڪرم پاڪستان خلاف ميچ ۾ سريلنڪن بالرن کي ٽپس ڏئي ڇڏيون

وسيم اڪرم پاڪستان خلاف ميچ ۾ سريلنڪن بالرن کي ٽپس ڏئي ڇڏيون

دبئي (ويب ڊيسڪ)سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم سريلنڪن فاسٽ بالر دلشان ماڌو شنڪا کي فاسٽ بالنگ جا طريقا سيکاريا.پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ۽ سوئنگ جو سلطان وسيم اڪرم هن وقت ايشيا ڪپ جي ڪمنٽري پينل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دبئي ۾ موجود آهي، جتي هن پاڪستان خلاف ميچ کان اڳ فاسٽ بالر دلشان ماڌو شنڪا کي صلاحون ڏنيون. جڏهن ته سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ ٻيو سپورٽ اسٽاف به موجود هو جڏهن ته وسيم اڪرم ٽائپس ڏنيون. قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم نوجوان فاسٽ بالر کي سوئنگ بابت خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي. وسيم اڪرم هميشه پنهنجي ۽ حریف ٽيمن جي بالرز سان گرائونڊز تي ملندو آهي، نوجوان فاسٽ بالرن جي حوصلا افزائي ڪندو آهي ۽ تجربو به ڪندو آهي.واضح رهي ته وسيم اڪرم ماضي ۾ به ڀارت جي فاسٽ بالرن کي ٽِپس ڏيندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو