سنڌيڪار الله وسايو گهوٽو
وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وزير اعظم استفيٰ ڏيڻ جي مشروط پيشڪش ڪئي آهي اها مشروط پيشڪش ان خدشات کي مضبوت ڪيو آهي جيڪي ڳالهيون مارڪيٽ ۾ هلي رهيو آهن ته وزير اعظم کان استععفيٰ ورتي پئي وڃي پي ڊي ايم جا مطالبا مڃيا پيا وڃن وزير اعظم پاران ان قسم جي پيشڪش ان خدشات کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي جيڪي مارڪيٽ م گردش ڪري رهيا هئا ته وزير اعظم کان استعفيٰ ورتي پئي وڃي ان جو وزير اعظم خود به اشارو ڏيئي ڇڏيو آهي ان مان اهو ثابت ٿي رهيو آهي ته واقعي ان تي استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ دٻائو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو فون هيڪ ٿي ويو اها رياستي ادارن جي زميواري آهي ته اهڙن معاملن تي ڪنٽرول ڪن ۽ تحقيقات ڪري ملوث ماڻهن کي سزا ڏين. ٽي وي ۽ اخبارن ۾ اهي خبرون هلنديون رهيون ته جسٽس فائز عيسيٰ کان پاڪستان جي پرائيم ايجنسي خوش نه آهي ته ان وقت اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ وڌيڪ شڪ شبا پيدا ٿين ٿا ان واقعي جي تحقيقات ڪرڻ ايتري مشڪل نه آهي جڏهن به اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا آهن ٽيوي تي ڪا غلط خبر هلندي آهي يا ويب سائيٽ ڪا پورنو يا خستاخانا خبر هلندي آهي ته پيمرا ۽ پي ٽي اي ان جو نوٽس وٺندا آهين ۽ معاملي جي تح تائين پهچندا آهن ايف آءِ ۽ سائبر ڪرائيم ڇا ڪري رهيا آهن ۽ هي ڇا ٿي رهيو آهي هاڻي ان ادارن جي ڪارڪردگي لاءِ به هڪ سواليا نشان آهي . پاڪستان جي ادارن جي اها زميواري آهي ته ان معاملي جي تحقيقات ڪري ان جي تهه تائين پهچن ته جسٽس قازي فائز عيسيٰ جو فون ڪنهن هيڪ ڪيو ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ ڪيو سپريم ڪورٽ جي پي آر او مطابق جج صاحب اهڙي خدشن جو اظهار ڪيو آهي ته جنهن به فون هيڪ ڪيو آهي ان کي ڪنهن غلت مقصد لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا اگر ان جي فون تان ڪنهن کي ڪو غلت ايس ايم ايس يا ڪال اچي ته ان کي غلت تصور ڪيو وڃي . سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ فل بينچ جيڪا ڪي پي ڪي گورنمينٽ جي اپيل منظور ڪئي اهي پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف اها هي هئي ته پشاورهاءِ ڪورٽ حڪم ڪيو هو ۽ اپوزيشن به ان جو مطالبو ڪيو ته 2017 ۾ شروع ٿيندڙ پروجيڪٽ بي آر ٽي جنهن جو 2020 ۾ افتتاح ڪيو ويو ان کانپوءِ حالات اهي آهن ته ڪڏهن بسن کي ڌڪا ڏيئي هلايو پيو وڃي ته ڪڏهن باهه لڳي پئي وڃي بسن کي هي ايترو ته مهانگو منصوبو آهي جنهن جي رقم به ڊبل ٽرپل ٿي وئي ته ان ۾ ڪرپشن جو ڳالهيون به ٿيڻ لڳيون اپوزيشن جو مطالبو پنهنجي جڳهه تي پر پشاور هاءِ ڪورٽ اهو حڪم جاري ڪيو هو ته نيب ان معاملي جي تحقيقات ڪري. ڪي پي ڪي گورنمينٽان فيصلي خلاف اپيل ۾ سپريم ڪورٽ وئي ۽ انهن کي رليف ملي ويو يعني ڪي پي ڪي گورنمينٽ جي خلاف نيب تحقيقات نٿي ڪري سگهي هي هڪ عجيب قسم جو قصو آهي ليڪن اسين عدالتن جو احترام ڪيون ٿا ۽ ڪجهه نٿا چئي سگهون پر ان جي وجهه صحيح ثبوت نه هجڻ به ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته سپريم ڪورٽ جي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ ٻڌل ڳالهين تي فيصلو ڏنو هو انهن وٽ ڪي ٺو ث ثبوت نه هئا بهرحال عدالت ان معاملي کي ڏسي رهي اهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ان معاملي جو منطقي انجام ڇا ٿيندو آهي. وزير اعظم صاحب سان آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جون جيڪي ملاقاتون ٿيون آهن ان بابت ڪافي خبرون هليون ته پي ڊي ايم جي مطالبي جي حوالي سان ڪا پيشرفت ٿي رهي آهي ۽ اها پيشرفت ڪهڙي طريقي سامهون ايندي . 4 فيبروري تي پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس به ٿي رهيو آهي ان بابت مريم نواز چيو آهي ته استعيفائيون هجن لانگ مارچ هجي يا عدم اعتماد جي رٿ هجي ان جو فيصلو جيڪو به پي ڊي ايم سربراهي اجلاس ۾ ٿيندو اهو قوم کي آگاهه ڪيو ويندو ،ته ان وقت تي وزير اعظم جو ڪابينا اجلاس ۾ اهڙو بيان ڏيڻ ته اپوزيشن وارا لٽيل دولت واپس ڏين ته هو استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ تيار آهي ۽ استعيفيٰ ڏيڻ لاءِ به وڏي دل گهرجي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته وڏا ماڻهون ئي استئيفيٰ ڏيندا آهن جن کي پنهنجي عزت جو خوف هوندو آهي . عمران خان صاحب توهان جو هڪ واعدو به پورو نه ٿيو جيڪي اليڪشن کان پهريان ڪيا هئا آخر ڪار فواد چوهدري مجبور ٿي بيان ڏنو ته حڪومت پنهنجا ڪيل واعدا پورا نه ڪري سگهي آهي. اهڙي موقعي تي وزير اعظم جو اهرِي قسم جو بيان مطلب دال م گهڻو ڪجهه ڪارو آهي وزير اعظم صاحب پارٽي جو زهن ٺاهي رهيو آهي ته ڪهڙي به وقت هو استعيفيِٰ ڏيئي سگهي ٿو ان کان پوءِ ته عدم اعتماد جي ضرورت نه پوندي. چوهدري پرويز الا هي ۽ مونس الاهي جي جيڪا وزير اعظم سان ملاقات ٿي آهي اسان کي ذريعن کان اها معلومات ملي آهي ته چوهدري پرويز الاهي پنهنجو پراڻو مطالبو ورجايو بظاهر ته اهو چيو ويو ته پنجاب اسيمبلي جي بلڊنگ تيار آهي توهان اچي افتتاح ڪيو ليڪن اصل ڳالهه اها آهي چوهدري برادران وزير اعظم کان اهو مطالبو ڪيو ته مونس الاهي کي وفا قي وزير بڻايو وڃي اگر توهان ايئن نه ڪيو ته اسان سينيٽ اليڪشن ۾ تعاون نه ڪندا سين وزير اعظم صاحب ان تي ٿورو غسو ڪيو ۽ چيو ته هو مشورو ڪري ٻڌائيندو جڏهن ته ان ميٽنگ ۾ سينيئر اڳواڻ سڀئي هئا پر وزير اعظم ان لاءِ ٽائيم گهري ورتو ته ٿورو ثائيم ڏيو ان مسئلي تي سوچڻ لاءِ ۽ حل ڪندا سين . عمران خان جي بادي لينگويج مان ته ايئن لڳي رهيو هو ته عمران خان راضي نه آهي ڇو ته عمران خان پهريان ئي چئي چڪو آهي ته مونس الاهي تي ڪرپشن جا الزام آهن ان کي ڪابينا م شامل نه ٿو ڪري سگهجي عمران خان پيشڪش ڪئي ته چوهدري شجاعت جي پٽ جيڪو چڪوال مان ايم اين اي چوڊيو آهي ان کي هو ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ تيار آهي ليڪن هاڻي پرويز الاهي ان ضد تي آهي ته مونس الاهي نه ته پوءِ اسان طرفان به ڪا اميد نه ڪيو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته مسلم ليگ ق جو مطالبو پورو ٿئي ٿو يا اهي حڪومت کان راهون الڳ ڪن .ٿا (ياد رهي ته هيءَ سينيئر صحافي ۽ سنڌيار جي ايڊيٽر اعجاز مهر جي وي لاگ جو ترجمو آهي. وي لاگ يوٽيوب چينل تي ڏسڻ لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو)










