وزيرن کان 5 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب

وزيرن کان 5 سالن جي ڪارڪردگي رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني وزيرن کان 5 سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. سيد مراد علي شاهه سڀني وزيرن کان ڪارڪردگي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته ٻڌايو وڃي 5 سالن دوران ڪهڙا ڪم ڪيا ويا. هن وزيرن کي ون پيج ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 5 سالن ۾ ڪهڙي وزارت ڪهڙو ڪم ڪيو؟ عوام کي ٻڌايو وڃي. وزيرن جي ڪارڪردگي رپورٽ تي وڏو وزير ايوان ۾ اهم خطاب ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو