وزيرن جي مولانا ملاقات،سپريم ڪورٽ ٻاهريان احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل

وزيرن جي مولانا ملاقات،سپريم ڪورٽ ٻاهريان احتجاج نه ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مولانا فضل الرحمان کي اپيل ڪئي ته هو سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج نه ڪن.ان حوالي سان اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته ملڪ جون حالتون ڪجهه ڏينهن اڳ خراب ٿيون، ان ڪري وفاقي حڪومت پي ڊي ايم ڊي چوڪ تي احتجاج ڪرڻ چاهي ٿي.وفاقي وزيرن جي اپيل تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان اعلان ڪيو آهي ته فيصلو هاڻي عوام جي عدالت ۾ ٿيندو، سڄي ملڪ مان قافلا اسلام آباد ڏانهن روانا ٿي ويا آهن.هن چيو ته ڪارڪن پرامن آهن ۽ پرامن احتجاج ڪندا، اسان جا ڪارڪن هڪ ٻوٽو به نه ٽوڙيندا

پهنجو تبصرو موڪليو