وزيراعظم ۽ روسي صدر پاران ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

وزيراعظم ۽ روسي صدر پاران ٻه طرفا لاڳاپا وڌائڻ تي اتفاق

ماسڪو(اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر ولاديمير پيوٽن وچ ۾ خميس ڏينهن ون آن ون ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن، معيشت، واپار ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان اڳ روسي فيڊريشن جي ايگزيڪيوٽو هيڊڪوارٽر ڪريملن پهچڻ تي صدر پيوٽن وزيراعظم عمران خان جو شاندار استقبال ڪيو. وزيراعظم عمران خان ۽ روسي صدر وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن پهلوئن، ٻطرفي واپار، معيشت ۽ توانائي خاص طور تي پاڪستان اسٽريم گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ تعاون ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. 23 سالن ۾ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم جو روس جو هي پهريون دورو آهي ۽ ان دوري کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي تجديد ۾ هڪ تاريخي قدم قرار ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم عمران خان 23 فيبروري تي ٻن ڏينهن جي دوري تي ماسڪو پهتو هو، روس جي پرڏيهي وزير سندس ايئرپورٽ تي آڌر ڀاءُ ڪيو هو ۽ گارد آف آنر پيش ڪيو ويو هو.

Guard of honor to Pm Imran Khan by Russian Red Army, Photo PID

وزيراعظم اڄ ٻئي عالمي جنگ ۾ جان جا نذارنا ڏيندڙن جي ياد گار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چارهي ۽ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي هئي. بعد م روسي صدر سان لنچ تي 3 ڪلاڪ ملاقات ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو