وزيراعظم ۽ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

وزيراعظم ۽ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت آشيانه اقبال ۽ رمضان شوگر ملز ريفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزه شهباز جي هڪ ڏينهن جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ حمزه شهباز ۽ آشيانه اقبال خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس ۽ شهباز شريف خلاف رمضان شوگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. وڪيلن ٻنهي جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست جمع ڪرائي، درخواست ۾ چيو ويو ته وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ سرڪاري ڪمن ۾ مصروف آهي، جڏهن ته حمزا شهباز پنهنجي ڌيءَ جي عيادت لاءِ لنڊن ويو آهي. وڪيلن چيو ته حمزه شهباز کي 11 آگسٽ تي وطن واپس اچڻو هو پر ڊاڪٽرن کيس ڌيءُ جي حالت بهتر ٿيڻ تائين اتي ئي رهڻ جو چيو آهي. ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت رمضان شوگر ملز ۾ بريت واري درخواست تي وڪيلن جا دليل طلب ڪري ورتا، جڏهن ته آشيانه ريفرنس ۾ نيب جي شاهدن کي طلب ڪري ورتو. عدالت ٻنهي جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي چيو ته ٻنهي ڪيسن جي وڌيڪ ٻڌڻي 7 سيپٽمبر تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو