اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر کي 12 آگسٽ تائين نگران وزيراعظم جي مقرري جي هدايت ڪئي آهي.صدر وزيراعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي خط موڪلي ڇڏيو.پنهنجي خط ۾ صدر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 224 اي تحت صدر مخالف ڌر جي اڳواڻ جي مشوري سان نگران وزيراعظم جي مقرري ڪندو آهي.صدر چيو ته آئين تحت وزيراعظم ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ کي قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي 3 ڏينهن اندر نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪرڻو پوندو.مون وزيراعظم جي صلاح کي قبول ڪيو ۽ 9 آگسٽ تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ 12 آگسٽ تائين مناسب نگران وزيراعظم جو نالو تجويز ڪن.










