وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ ڪرائڻ جو فيصلو

وزيراعظم پاران سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ هڪ ٻيو قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڄي ملڪ ۾ سي پي آر ٽريننگ ڪرائي ويندي. وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز جي سربراهه سلمان صوفي جو چوڻ آهي ته عالمي معيار جي سي پي آر ٽريننگ سان زندگيون بچائڻ ۾ مدد ملندي. سلمان صوفي چيو ته زندگي بچائيندڙ سي پي آر ٽريننگ کي اسڪول جي نصاب ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ هر شهري کي سي پي آر جي تربيت پڻ مهم جو حصو هوندي. هن چيو ته هن ملڪ گير مهم جي مڪمل حڪمت عملي جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو، هن چيو ته وزيراعظم قومي سطح تي صحت جي شعبي ۾ سڌارن جو پروگرام شروع ڪرڻ وارو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو