انقره(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سان گڏ ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي انقره پهتو.دوري دوران وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان سان ون آن ون ملاقات ڪندو ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهيون پڻ ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي اڳواڻ گڏيل پريس ڪانفرنس کي به خطاب ڪندا ۽ ترڪي جي مشهور ڪمپنين جا سربراهه به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪندا. انقره ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪي پاڪستان بزنس فورم کي به خطاب ڪيو ۽ چيو ته ترڪي ۽ پاڪستان وچ ۾ ويجها ۽ تاريخي ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ قوم پنهنجي دوستن کي ڪڏهن به نه وساريندي، ترڪي زلزلي، ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ پاڪستان جي ڀرپور مدد ڪئي، پاڪستان جي دوستي آهي. پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ لاڳاپا لازوال آهن، بدقسمتي سان اسان جا لاڳاپا ٻه طرفي واپار جي عڪاسي نٿا ڪن، پاڪستان ۽ ترڪي کي گڏيل سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون.وزيراعظم چيو ته ڪجهه ترڪي سيڙپڪارن کان عدم تعاون تي معذرت ڪريان ٿو، ترڪي لاهور ميٽرو بس منصوبي جو ڊزائن بنا ڪنهن معاوضي جي فراهم ڪيو، پاڪستان توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن کي ڀليڪار ڪندو، ماضي جي غلطين مان اسان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ترڪ سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيان ٿو، ترڪ سيڙپڪارن کي يقين ڏياريان ٿو ته سندن هر ممڪن مدد ڪئي ويندي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا ڀرپور موقعا موجود آهن.










