اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف هڪ هفتي ۾ ٻه سرڪاري موڪلون ختم ڪري ڇڏيون آهن.وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي سرڪاري آفيسن ۾ هاڻي هفتي ۾ رڳو هڪ موڪل هوندي.ان کان علاوه وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي اعلانن تي عملدرآمد جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف رمضان المبارڪ دوران سستي بازارن ۾ معياري ۽ سستي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۽ رمضان بازارن جي سخت نگراني کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.وزيراعظم پگهارن ۽ پينشن بابت پنهنجي اڳوڻي حڪمن تي فوري طور تي عمل ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي.پنهنجي عملي سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته سڀ ماڻهو محنت ڪن، عوام جي خدمت لاءِ اچو، هڪ لمحو به ضايع نه ڪريو، ايمانداري ۽ شفافيت اسان جا رهنما اصول هوندا.










