وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ محفوظ ناهي: فواد چوڌري

وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ محفوظ ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فواد چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل باجوه عمران خان کي هڪ ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ ڳالهائڻ محفوظ ناهي. هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته آرمي چيف عمران خان کي چيو هو ته وزيراعظم هائوس کي ڊيب ڪيو وڃي، پاڪ فوج جي ايڇ ڪيو جي سائبر سيڪيورٽي ڪئي هئي.فواد چوڌري اهو به چيو ته ڀارتي ايجنسين پيگاسس پروگرام خريد ڪيو ته جيئن وزيراعظم عمران خان جون ڳالهيون هيڪ ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو