وزيراعظم شهباز شريف جي ڀاڪر پائي مريم نواز کي مبارڪ

وزيراعظم شهباز شريف جي ڀاڪر پائي مريم نواز کي مبارڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عدالت مان بري ٿيڻ کانپوءِ مريم نواز جي پنهنجي چاچي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ٿي، شهباز شريف ڀائٽي کي ڀاڪر پائي مبارڪ ڏني.پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايون فيلڊ ريفرنس مان مريم نواز جو بري ٿيڻ احتساب جي ان نظام تي چماٽ آهي، جيڪو شريف خاندان خلاف استعمال ڪيو ويو. عدالتي فيصلي تي مريم نواز چيو ته الله اڄ نواز شريف کي سرخرو ڪيو، 6 سال ان ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو، عمران خان کي ڪوڙ جو جواب ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو