ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گورنر هائوس ڪراچي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ ڊاڪٽر خالد مقبول، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار شامل هئا.ذريعن موجب ملاقات ۾ توانائي وارو وفاقي وزير خرم دستگير به موجود هو. ايم ڪيو ايم جي وفد وزيراعظم کي ڪراچي ۾ بجلي جي وڌندڙ اگهن ۽ لوڊشيڊنگ بابت آگاهه ڪيو.ذريعن موجب وزيراعظم توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير کي سومر تي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان ملاقات ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا سان ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي نمائندگي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.هوڏانهن ملاقات دوران ايم ڪيو ايم وزيراعظم آڏو عام چونڊن ۽ آدمشماري بابت خدشن جو اظهار ڪيو.ايم ڪيو ايم ذريعن موجب عام چونڊون نئين آدمشماري تي ٿينديون يا پراڻي آدمشماريءَ تي فيصلو نه ڪيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم يقين ڏياريو ته عام چونڊن بابت فيصلو ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت بابت به فيصلو ايم ڪيو ايم کي اعتماد ۾ وٺي ڪيو ويندو. ذريعن موجب وزيراعظم سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ٻي ملاقات عاشورا کانپوءِ متوقع آهي.










