اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ جنرل عاصم منير وچ ۾ ملاقات ۾ ملڪ جي اندروني ۽ بيروني سڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ياد رهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي. آرمي چيف کان علاوه ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.










