اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته حڪومت وزيراعظم محمد شهبازشريف جي ويزن مطابق سي پيڪ جي رٿائن کي هٿي ڏئي رهي آهي سي پيڪ 2014 کان 2030 تائين جو وڏو منصوبو آهي بنيادي سرشتو، توانائي، گوادر جي پورٽ جي ترقي، صنعتي تعاون شامل آهي بحريه يونيورسٽي ۾ ڪوٺايل سي پيڪ سيمينار کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 10 سال اڳ 5 جولاءِ 2013 تي جنهن رٿا جي شروعات ڪئي هئي اڄ ان سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا، رستن، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ ترقي جي رفتار کي تيز ڪيو پاڪستان ۽ چين جي قيادت جي ڊگهي نظر سبب سي پيڪ وڏي ترقي ڪئي چيني صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي دوري ۾ گوادر، توانائي ۽ صنعتي ترقي تي اتفاق ٿيو سي پيڪ رٿائن جي روشني ۾ 11 ورڪنگ گروپ قائم آهن هن چيو ته گوادر پورٽ جي تعمير ۽ ترقي ۾ خاص ڪاميابيون مليون اڄ پورٽ مڪمل فعال آهي. گوادر هوائي اڏو، اسپتال، سامونڊي پاڻي کي پيئڻ جي قابل بنائڻ جو پلانٽ ۽ ٻيا منصوبا به تعمير ٿيا










