اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن تي ٽول فيس ۾ ٽه ماهي واڌ کي معطل ڪيو ويو آهي.مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان موجب، وزيراعظم جي هدايتن تي ٽول فيس ۾ ٽه ماهي واڌ کي معطل ڪيو ويو آهي، ۽ اين ايڇ اي کي نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن.هن وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال ۾، شهرين تي وڌيڪ بار نه ٿو وجهي سگهجي ڇاڪاڻ ته اهي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ جي ڪري اڳ ئي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.










