اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي صدر آئين جي آرٽيڪل 58-1 تحت وزيراعظم جي مشوري تي قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. ان کان پهريان وزيراعظم شهباز شريف قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري تي صحيح ڪري ڇڏي.ذريعن موجب قومي اسيمبلي ٽوڙڻ جي سمري صدر هائوس ڏانهن موڪلي ويندي ۽ جيئن ئي هو ان تي صحيح ڪندا ته اسيمبلي ٽوڙي ويندي.صدر جي دستخط نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسيمبلي 48 ڪلاڪن اندر خود بخود ٽوڙي ويندي.اسيمبلي ٽوڙڻ سان ئي ڪابينا ٽوڙي ويندي ۽ نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزيراعظم شهباز شريف عهدي تي رهندو.آئين موجب اسيمبلي ٽوڙڻ جي صورت ۾ چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ گهرجن.











