اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي. ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سيڪورٽي ايجنسين ٻڌايو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي، مونکي گذريل سال آگسٽ کان سندس خلاف سازش جي خبر پئي هئي. اهڙي رپورٽ بعد وزيراعظم جي سيڪيورٽي وڌائي وئي آهي. ان کان اڳ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو هو ته سڪيورٽي ادارن کي اطلاع مليو آهي ته وزيراعظم عمران خان کي قتل ڪرڻ جي سازش تيار ڪئي وئي آهي.










