وزيراعظم جو سرگوڌا ۾ اٽي جي پوائنٽ جو دورو

وزيراعظم جو سرگوڌا ۾ اٽي جي پوائنٽ جو دورو

سرگوڌا(ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف سرگوڌا جي ڪمپني باغ اٽو پوائنٽ پهچي ويو.وزيراعظم شهرين کان اٽي جي ورهاست بابت پڇيو ۽ ڪمپني باغ ۾ اٽي جي مفت فراهمي جو جائزو ورتو.شهباز شريف ڪمپني باغ کان پوءِ نهر لوئر جهلم پل اتا پوائنٽ تي به ويو، دوري دوران وفاقي وزير مريم اورنگزيب به ساڻس گڏ هئي.شهباز شريف پاڻ اٽو ورهايو ۽ ڪمشنر کيس بريفنگ ڏني.وزيراعظم اٽي جي ورڇ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪندي اٽي جي ورهاست جا اسٽال وڌائڻ جو حڪم ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو