لاھور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جو چوڻ آهي ته وزيراعظم سان ان جي دوستن جي ملاقات سٺي رهي ۽ وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته هو پاڻ مامرن کي ڏسندو ۽ چيو آهي ته انصاف ٿيڻ گهرجي، لاهور جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي ميڊِيا سان ڳالهائيندي هن چيو آهي ته منهنجو ڪيس ڪرمنل آهي، هن ۾ ايف آءِ اي جو ڪو به ڪردادر نه آهي، ڇو ته هي بزنس اشو آهي، هن ۾ پبلڪ فنڊ استعمال ناهي ۽ نه ئي سيڪرٽ اڪائونٽ ناهي، ان ڪري اميد آهي ته علي ظفر چڱي طرح سان ڏسي ڪري وزيراعظم کي ٻڌائيندو، هن چيو آهي ته منهنجي دوستن جي وزيراعظم سان ملاقات سٺي رهي، اسان جي ماڻهن به کلي ڪري ڳالهيون ڪيون، جيڪي خدشا هئا انهن کان آگاهه ڪيو، وزيراعظم خاطري ڪرائي آهي ته انصاف ٿيندو، هن چيو آهي ته منهنجي ڪيس جي ڪا به حقيقت نه آهي، سڀني کي خبر آهي ته هن ڪيس جو بنياد ڪجهه ٻيو آهي، اسان جاچ نٿا ڀڄون، هڪ سال کان جاچ ٿي رهي آهي، هزارين نه پر لکين دستاويز ڏنا، منهنجي ڪمپني جي ماڻهن 100 پيشيون ڀوڳيون آهن، هن ڪيس جو ڪوئي حل نڪرندو جڏهن ته اسان ڪڏهن به نه چيو ته ڪيس ختم ڪري ڇڏيو، اسان چاهيون ٿا ته پوري طرح جاچ ٿئي ته عوام به ڏسي اسان صحي سرخرو ٿياسين، شاهه محمود قريشي جي بيان بابت سوال تي هن چيو ان تي ڪا به ڳالهه نه ڪندس، هي هلڪي ڳالهه آهي ۽ اسان کي هلڪي ڳالهه ڪرڻ زيب نٿو ڏيئي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو آهي ته پ پ ۽ ن ليگ وارن سان ڪو به رابطو ناهي ٿيو.
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب ميچ ڪينسل