اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري وزيراعظم آفيس جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي وڪرو ڪرڻ جي حوالي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فواد چوڌري لکيو ته جنهن طريقي سان وزيراعظم آفيس جي ڊيٽا ڊارڪ ويب تي وڪري لاءِ پيش ڪئي وئي ان مان سائبر سيڪيورٽي جي صورتحال ظاهر ٿئي ٿي، اها اسان جي انٽيليجنس ايجنسين خاص ڪري آءِ بي جي وڏي ناڪامي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سياست کان علاوه سڪيورٽي ۽ پرڏيهي معاملن تي بحث هاڻي سڀني جي هٿ ۾ آهي.










