وزارتِ داخلا سان لاڳاپيل ادارن کي خودمختار بڻائڻ جو فيصلو

وزارتِ داخلا سان لاڳاپيل ادارن کي خودمختار بڻائڻ جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي وزيرِ داخلا محسن نقويءَ جي صدارت هيٺ ذيلي ادارن جي سربراهن جو اهم اجلاس ٿيو. وزيرِ داخلا چيو ته وزارتِ داخلا سان لاڳاپيل ادارن کي پاڻمرادو خودمختار ٿي فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ هر معاملو وزارت ڏانهن موڪلڻ جي ضرورت ناهي. هن سمورن ادارن کي ايندڙ 2 سالن جو جامع ‘ٽرانسفارميشن پلان’ پيش ڪرڻ جي هدائت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرِ مملڪت طلال چوڌري پڻ سيڪيورٽي، ڊيٽا سسٽم ۽ ادارجاتي ڪارڪردگي سڌارڻ بابت نوان نڪتا چٽا ڪيا.

پهنجو تبصرو موڪليو