ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ ۾ نيدرلينڊز کي 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي . 148 رنسن جي هدف جو تعاقب ڪندي، پاڪستان آخري اوور ۾ هدف حاصل ڪري ورتو. آخري لمحن ۾ فهيم اشرف جي شاندار بيٽنگ مداحن جا دل کٽي ورتا. آخري ٻن 1وورن ۾ 29 رنز گهربل هيون، 19 هين اوور ۾ فهيم اشرف 3 ڇڪا هنيا ۽ آخري اوور ۾ چوڪو هڻي ميچ کٽائي ورتي. جنهن بعد سوشل ميڊيا تي فهيم اشرف جا چرچا آهن، پي سي بي چيئرمين پاڪستان جي پهرين فتح فهيم اشرف جي جاڙن پٽن جي نالي ڪري ڇڏي. فهيم اشرف کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ميچ جي ابتدا پاڪستاني اوپنرز بهترين ڪئي پر مڊل آرڊر هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام رهيو. ڪولمبو ۾ ٽاس کٽڻ کان پوءِ، پاڪستاني ٽيم پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو.ڪولمبو ۾ ٽاس کان پوءِ ڳالهائيندي، پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته هي پهريون ڀيرو آهي جو مان سريلنڪا ۾ اهڙي پچ ڏسي رهيو آهيان. ٽيم ۾ 3 پيسر آهن ۽ اهي منصوبي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.ميچ شروع ٿيڻ کان پوءِ، نيدرلينڊز جي پهرين وڪيٽ 28 رنسن تي ڪري پئي. ميڪس ڊيوڊ 5 رنسون ٺاهڻ کان پوءِ سلمان مرزا جو شڪار ٿيو، جڏهن ته نيدرلينڊز جي ٻي وڪيٽ 31 رنسن تي ڪري پئي جڏهن محمد نواز مائيڪل لوويٽ کي 24 رنسن تي آئوٽ ڪيو.پاڪستان خلاف نيدرلينڊ جي ٽئين وڪيٽ 65 رنسن تي ڪري پئي جڏهن ابرار احمد ڪولن ايڪرمين کي 20 رنسن تي آئوٽ ڪيو.بعد ۾، ڊچ بيٽسمينن هڪ پارٽنرشپ ٺاهي ۽ ٽيم جو اسڪور 105 تائين پهچايو، جنهن کان پوءِ محمد نواز انهن جي پارٽنرشپ ٽوڙي ۽ قومي ٽيم چوٿين وڪيٽ ورتي.ان کان پوءِ، پاڪستاني فيلڊرز ڊچ بيٽسمين کي پڪڙڻ جاري رکيو ۽ ان کان پوءِ، سڀئي بيٽسمين ڪيچ آئوٽ ٿي ويا.پاڪستان پاران سلمان مرزا 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد نواز، ابرار احمد ۽ صائم ايوب 2-2 ۽ شاهين آفريدي 1 وڪيٽ ورتي.شاداب خان 4 اوورن ۾ ڪا به وڪيٽ نه وٺي سگهيو، 26 رنسون ڏنيون. صام ايوب هڪ اوور ۾ 7 رنز ڏئي ٻه وڪيٽون ورتيون. هن 13 بالن تي 24 رنسون به ٺاحيون. صاحبزادا فرحان 47 رنسون ٺاهيو، سلمان آغا 12، بابراعظم 15، عثمان خان زيرو، شاداب خان 8، محمد نواز 6 ۽ شاهين آفريدي 5 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.
مشهور خبرون










