ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ورلڊ بينڪ پاڪستان لاءِ 1.6 بلين ڊالر کان وڌيڪ جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.عالمي بئنڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن جي اجلاس ۾ پاڪستان جي مالي مدد لاءِ 1.692 بلين ڊالرز جي منظوري ڏني وئي.اعلان موجب پاڪستان پاران سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ 5 منصوبن لاءِ فنڊ ملندا، جن مان 3 منصوبا متاثرين جي بحالي، گهرن جي تعمير ۽ زراعت جا آهن، جڏهن ته ٻيا 2 منصوبا سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جا آهن. ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو شعبو مدد ڪندو.










