ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ،  قوم دعا ڪري، ارشد نديم

ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ، قوم دعا ڪري، ارشد نديم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته هو ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ سندس شاندار ڪارڪردگي لاءِ دعا ڪن.هڪ بيان ۾ ارشد نديم چيو ته توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته مان ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ لاءِ ٽوڪيو آيو آهيان، سڀاڻي مان ايونٽ جو ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏندس.هن چيو ته منهنجي لاءِ دعا ڪريو ته مان سٺو پرفارم ڪريان ۽ فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪريان، ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپئن شپ جو فائنل 18 سيپٽمبر تي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو