واپارين جي وفد جي بلاول سان ملاقات، مسئلا حل ڪريو

واپارين جي وفد جي بلاول سان ملاقات، مسئلا حل ڪريو

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان چيمبر آف ڪامرس لاڙڪاڻي جي وفد پاران ملاقات ڪري شهر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز لاڙڪاڻي جي صدر حاجي غلام سرور شيخ، اڳوڻي صدر عبدالغفار شيخ، ايس وي پي مسعود بابو، وي پي جمال مصطفيٰ شيخ، چيف پيٽرن ايل سي سي آءِ ممتاز علي شيخ ۽ ٻين پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو جي رهائشگاھ تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي. وفد پيپلز پارٽي جي چيئرمين کي شهر جي مسئلن بابت آگاهي ڏيندي چيو ته لاڙڪاڻي شهر اندر جيڪي به ترقياتي ڪم هلي رهيا آهن، اهي سڀ سست رفتاري جو شڪار بڻيل آهن، جڏهن ته شهر اندر ڪٿي به ليڊيز جي تفريح لاءِ ڪو پارڪ نه آهي، هنن وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ترقياتي ڪمن جي منصوبا بندي ۾ چيمبر آف ڪامرس سان صلاح مشورا ڪيا وڃن، هنن چيو ته سمال انڊسٽريز جي حالت انتهائي خراب بڻيل آهي، جتي صفائي سٿرائي سميت بجلي توڙي ٻيا بيشمار مسئلا آهن، جن کي پڻ حل ڪيو وڃي، جڏهن ته هن وقت سائيٽ ايريا جو ڪم هلي رهيو آهي، جنهن ۾ پڻ چيمبر آف ڪامرس کي ميمبر طور شامل ڪيو وڃي، هنن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کي جيڪي ڪم اڳ چيمبر آف ڪامرس چيا هيا، جيڪي هلي رهيا آهن، ان تي اسان پ پ چيئرمين جا شڪرگزار آهيون، هوڏانهن چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر عبدالغفار شيخ پ پ چيئرمين کي وڌيڪ چيو ته اوهان جي هڪ نظر لاڙڪاڻي شهر جي تقدير بدلي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو