واٽس ايپ پاران گروپن لاءِ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ پاران گروپن لاءِ نئون فيچر متعارف

لنڊن (ويب ڊيسڪ)ميسيجنگ ايپليڪيشن واٽس اپ پنهنجي گروپ استعمال ڪندڙن لاءِ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي.واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب هي نئون ۽ دلچسپ فيچر گروپ ايڊمنز (جن گروپ ٺاهيو آهي) لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن تحت ايڊمن گروپ ۾ موجود ڪنهن به شخص جو ميسيج ڊيليٽ ڪري سگهندا.رپورٽ موجب هي فيچر اينڊرائيڊ استعمال ڪندڙن جي بيٽا ورزن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن جو مقصد گروپس کي بهتر ڪم ڪرڻ آهي.WhatsApp Beta Info پاران جاري ڪيل اسڪرين شاٽ ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جڏهن به گروپ ايڊمن ڪنهن شخص جو ميسيج ڊيليٽ ڪندو ته باقي ميمبرن کي به ان جي خبر پوندي.واضح رهي ته واٽس اپ ان فيچر جو اعلان گذريل سال ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته ان تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي پر هاڻي ايپ اهو فيچر متعارف ڪرايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو