واٽر ڪورس جي پيٽ مان مٽي کڻڻ خلاف احتجاج

واٽر ڪورس جي پيٽ مان مٽي کڻڻ خلاف احتجاج

ٽنڊو غلام حيدر (رپورٽ ميرحسن رند)جاڙڪي شاخ جي واٽر ڪورس  15اي ايل وٽان شاخ جي پيٽ مان ايريگيشن عملي جي ملي ڀڳت سان  مٽي ڪڍڻ خلاف مقامي هارين ۽ رهواسين جو احتجاجي مظاهرو مظاهرين حسن سيال؛ سکيو ڪولهي، عبدالحڪيم چانگ؛ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ واه سان لاڳاپيل آبپاشي عملي پاران  بااثر زميندارن کي شاخ مان مٽي وڪرو ڪري ڏني وئي آھي 15 فٽ تائين مٽي نڪرڻ سبب وڏي اونهائي ٿي وئي آھي جنهن جي ڪارڻ  پاڻي جي اچڻ بعد گهارا پوندا ۽ آس پاس جا ڳوٺ توڙي زرعي زمينون ٻڏڻ جو خطرو هجڻ سان گڏ واهه ۾ وهجندڙ معصوم ٻار پڻ ٻڏي سگهن ٿا  هنن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو تہ شاخ ۾  وڏي مفاصلي تائين لڳل هٿرادو اونها کڏا بند ڪرايا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو