واٽر بورڊ پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم قدم، ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم جمع ڪرائي ڇڏي

واٽر بورڊ پاران ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ اهم قدم، ٻوڏ متاثرن لاءِ رقم جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي ھدايتن تي عملدرآمد ڪندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ پاران سنڌ ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ بحالي لاء قائم ڪيل سنڌ فلڊ رليف فنڊ ۾ 3.7 ملين جي رقم جمع ڪرائي ڇڏي، ان سلسلي ۾ ڪراچي واٽر بورڊ جي هڪ کان 22 گريڊ تائين جي سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جي ماهوار پگهارن مان ڪٽوتي ڪيل 37,334,122 روپين جو پي آرڊر نمبر 25971674 تاريخ 6 سيپٽمبر 2022 تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم پاران وڏي وزير جي صلاحڪار سيد وقار مهدي حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي وڏي وزير جي صلاحڪار سيد وقار مهدي پاران مڪاني ادارن واري صوبائي وزير، وائيس چيئرمين واٽر بورڊ، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت سمورن آفيسرن ۽ ملازمن جو شڪريو ادا ڪندي کين خراج تحسين پيش ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو