والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس پاڪستان جو شديد ردعمل

والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس پاڪستان جو شديد ردعمل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان جي 20 اجلاس تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي.پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت غير قانوني طور والاريل ڪشمير ۾ جي 20 اجلاس منعقد ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي ۽ ڀارت 22 کان 24 مئي تائين سرينگر ۾ سياحت واري ورڪنگ گروپ جو اجلاس شيڊول ڪيو آهي. طئي ٿيل ملاقاتون به پريشان ڪندڙ آهن، ڀارت جو غير ذميواراڻو قدم والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو جاري رکڻ جو قدم آهي ۽ اهو قدم کڻڻ وقت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن کي به خاطر ۾ نه آندو ويو.ترجمان چيو ته ڀارت جو غير ذميواراڻو عمل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ پنهنجو غير قانوني قبضو برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي قدمن جي سخت مذمت ڪري ٿو.پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته ڀارت جا غيرقانوني قدم ڄمون ۽ ڪشمير جي حقيقت کي لڪائي نٿا سگهن، والاريل ڪشمير عالمي سطح تي تسليم ٿيل تڪرار آهي ۽ والاريل ڪشمير 7 ڏهاڪن کان سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو