وارڊ-4 ۽ 6 ۾ مخالفن ھميشه ھنن علائقن کي نظر انداز ڪيو: فراز

وارڊ-4 ۽ 6 ۾ مخالفن ھميشه ھنن علائقن کي نظر انداز ڪيو: فراز

شڪارپور (ن سنڌيار) بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان چونڊ چھچٽو شڪارپور ۾ عروج تي پھچي ويو، ميونسپل ڪاميٽي جي 30 وارڊن تي اميدوارن پاران ھر طرف پينافليڪس، بينر ۽ گھرن تي جھنڊا لڳائڻ شروع ڪري ڏنا آھن، وڏيون وڏيون ڪارنر ميٽنگس جي شروعات، ھر طرف ڊور ٽو ڊور ورڪ ، ووٽ ڏيڻ لاءِ زور: تفصيل موجب بلدياتي اليڪشن جي حوالي سان ميونسپل ڪاميٽي شڪارپور جي 30 وارڊن تي چونڊ چھچٽو تيزيءَ سان وڌنڌو پيو وڃي ، ھر طرف پينافليڪس ، بينر ، گھرن تي جھنڊا لڳائڻ ۽ ڊور ٽو ڊور ورڪ دوران اميدوار پنھنجو منشور ووٽرن ۾ تقسيم ڪرڻ لاء ھينڊ بل ذريعي مفت پبلسٽي شروع ڪري ڏني آھي، ووٽرن کي پنھنجي منشور ذريعي پنھنجو ڪرڻ لاء وڏيون وڏيون ڪارنر ميٽنگس جي شروعات ٿي ويون آھن ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي اميدوارن ڪارنر گڏجاڻين جو سلسلو شروع ڪري ڏنو آھي گذريل رات وارڊ-4 جي پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار محسن مقبول شيخ جي حمايت ۾ ميراڻي برادري جي نوجوان حاجي محمد صالح شيخ ۽ دلشير مجيد ميراڻي ۽ وارڊ-6 ۾ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوار محسن صادق شيخ جي حمايت ۾ سراج احمد شيخ ڪارنر گڏجاڻي جو اھتمام ڪيو ، صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جو فرزند پي پي پي اڳواڻ فراز امتياز شيخ ڪارنر ميٽنگس ۾ خطاب ڪندي چيو ته وارڊ-4 ۽ 6 ۾ مخالفن ھميشه ھنن علائقن کي نظر انداز ڪيو ۽ ھڪ سر به نه لڳرائي ، اسين جڏھن 2016 ۾ اسان جي خاندان پيپلز پارٽي ۾ شموليت ڪئي ته پھرين فھرست ۾ پئتي پيل علائقن بشمول وارڊ-4 ۽ 6 ۾ ترقياتي ڪمن جو چار وڇايو ، ميگا ڊرينيج اسڪيم، ناليون ، پيور بلاڪ ۽ ٻيون بنيادي سھوليتون ڏنيون، پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آھي ، جيڪا عوام جي ڏک سک جو درد رکي ٿي ، شڪارپور جو عوام شيخ ڀائرن جي خدمتن تي يقين رکي ٿو، ھڪ دفعو ٻيھر عوام جي طاقت سان پوري شھر ۾ جيالا اميدوار ڪامياب ٿيندا ، ان کان اڳ حاجي علي بخش ميراڻي، ذوھير خان ڊريھو، علي شير ميراڻي ، گلشير سنجراڻي جاويد گھنڃو ، علي حسن ميراڻي، عبدالوھاب شيخ ، رئيس ڪريم بخش پھوڙ ، خالد سميجو، امجد ميراڻي، آصف ميراڻي ، دائم شيخ ، عبدالغفار شيخ ، ممتاز شيخ ۽ ٻين معززين، پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن سان گڏ ڊور ٽو ڊور ورڪ ڪئي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو