اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران گذريل هڪ مهيني دوران پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٽي ڀيرا واڌ جڏهن ته ٻه ڀيرا گهٽتائي ڪئي وئي.پر، تازو ٻه ڀيرا مسلسل گهٽتائي ٿيڻ باوجود شهري اڃا تائين پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 400 رپيا في ليٽر کان به وڌيڪ قيمت تي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.دستاويزن موجب، هڪ مهيني اندر هاءِ اسپيڊ ڊيزل 61 رپيا 16 پئسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو، جڏهن ته مجموعي طور تي (ٻنهي گهٽتائين کي ملائي) صرف 11 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي.ان طريقي سان، گهٽتائي کي ڪڍڻ (منها ڪرڻ) باوجود هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 49 رپيا 36 پئسا في ليٽر جي واڌ اڃا تائين برقرار آهي.










