پوڻا 2 لک کان مٿي حاجين جي ڪوٽا، حج تي پوڻا 12 لک خرچ ايندو

پوڻا 2 لک کان مٿي حاجين جي ڪوٽا، حج تي پوڻا 12 لک خرچ ايندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين حج پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڌري سالڪ ٻڌايو ته گڏيل طور تي هڪ لک 79 هزار 210 عازمين جو ڪوٽا مليو آهي. ڪوٽا جو نصف 79 هزار 600 ماڻهن جي برابر سرڪاري ۽ نجي طور تي ورهايا ويندا. هن چيو ته حج جي لاءِ 2 هزار ماڻهن جو گروپ جوڙيو ويندو، 2 لک روپين سان گڏ حج درخواست جمع ٿي سگهندي ۽ 4 لک روپيه قرعه اندازي کان پوءِ جڏهن ته ٻيا حج کان اڳ فيبروري تائين ڏيڻا پوندا.چوڌري سالڪ ٻڌايو ته سرڪاري حج اسڪيم جا خرچ 10 لک 75 هزار مان 11 لک 75 هزار روپين جي وچ ۾ ٿيڻ جا امڪان آهن. پهرين قسط واپس وٺڻ جي صورت ۾ 50 هزار روپيه ۽ ٽئين قسط جمع نه ڪرائڻ تي 2 لک روپيه ڪٽوتي ٿيندي. 10 فيبروري کان پوءِ ڪابه رقم واپس نه ڪئي ويندي.وفاقي وزير ٻڌايو ته ننڍي عمر جا ماڻهو حج جي لاءِ نه وڃي سگهندا جڏهن ته حج تي فوت ٿي ويندڙن جو زرتلافي 10 لک مان وڌائي 20 لک روپيه ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو