راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته هڪ شخص جي رنڊڪ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، تڪراري چونڊون ملڪ کي انتشار ۽ بدامني ڏانهن ڌڪينديون. راولپنڊي ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته ملڪ ۾ تڪراري طريقي سان چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان چونڊن کان ڊڄڻ وارا نه آهيون.اسان هميشه عوام جي طاقت سان اقتدار ۾ آيا آهيون، چونڊون وڙهيون ۽ ووٽن جي زور تي چونڊيا ويا آهيون.هن چيو ته اليڪشن بابت سپريم ڪورٽ جي ججن ۾ ڪو به اتفاق ناهي، اهڙي قسم جي اليڪشن ملڪ کي انتشار ۽ افراتفري ڏانهن ڌڪي ڇڏيندو.اهڙيون چونڊون انشاءَ الله ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجنديون، اسان ان تباهي جي راهه ۾ رنڊڪ آهيون.راڻا ثناءُ الله چيو ته هو ڪنهن به شخص جي ضد کي قبول نه ڪندا، ماڻهو پنهنجي انا ۽ ضد ۾ ڦاٿل هوندو آهي، ڪڏهن لانگ مارچ ذريعي ۽ ڪڏهن عوام ذريعي چونڊون چاهين ٿيون، اليڪشن ضرور ٿيندي پر وقت ۽ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳل آهي. هولڊرن جي مرضي ۽ راءِ موجب جيڪڏهن سياسي پارٽيون، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻيا ادارا چونڊن تي متفق ناهن ته اهڙيون چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون.










