هڪ ئي وقت وفاق ۽ صوبن جي چونڊ کانسواءِ آپشن قبول ناهي

هڪ ئي وقت وفاق ۽ صوبن جي چونڊ کانسواءِ آپشن قبول ناهي

ٽنڊو محمد خان (ن س)وفاقي وزير تجارت سيد نويد قمر چيو آهي ته ملڪ ۾ هڪ ئي وقت وفاق ۽ صوبن جي چونڊ کانسواءِ حڪومت ڪو به آپشن قبول نه ڪندي .اهڙو اظهار هن ٽنڊومحمد خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . هن چيو تهملڪ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ الڳ چونڊ ڪرائڻ جومطالبو قومي يڪجهتي جي خلاف آهي . اتحادي وفاقي حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين ۾ ڪنهن به اختلاف شدت اختيار نه ڪئي آهي . وزير اعظم ميان شهباز شريف پي ٽي آئي سان ڳالهين جي حامي ڀري ورتي آهي.اتحادي حڪومت ۾ مولانا فضل الرحمان ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي . جنهن سان مشاورت ٿي رهي آهي .وفاقي حڪومت سياسي بحران جي مستقل نبيري لاءِ 26 اپريل تي تحريڪ انصاف سان ڳالهين جو ٽاڪس ڏئي ڇڏيو آهي ،ملڪ۾ ڪا به غير يقيني صورتحال پيدا نه ٿي آهي . حڪومت توڙي قومي اداره هڪ پيج تي قومي يڪجهتي طور گڏ آهن . پاڪ فوج جا بهادر جوان ملڪ جي حفاظت ۾ عظيم قربانيون ڏئي چڪا آهن .جنهن جي خلاف ڪا به واويلا قبول نه ڪئي ويندي . ملڪي سلامتي ۾ پاڪ فوج جي خلاف شروع ڪيل تحريڪ انصاف جي مهم کي ملڪ دشمن قوتون غلط استعمال ڪري ملڪ کي دنيا ۾ بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن قومي اسيمبلي مان عدالتي سڌارن جو قانوني بل صدر جي صحيح نه ڪرڻ باوجود ايوان مان منظوري بعد آئين جو حصو بڻجي ويو آهي . هن وڌيڪ چيو ته ماضي جي ڪيل غلطين کي ٻيهر يادڪرڻ بجاءِ ملڪ جي بهتري لاءِ سوچ تبديل ڪرڻي پوندي غلطين مان سبق حاصل ڪرڻو پوندو . چونڊ مرحلي ۾ اتحاد قائم رهڻ وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي . چونڊ مرحلي ۾ سياسي هم آهنگي پيدا ٿي سگهي ٿي ته وري اتحاد لاءِ پيپلز پارٽي جي قيادت ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي . چونڊ ۾ اتحاد لازمي ڪرڻ ممڪن يا ناممڪن جو آپشن رکي سگهجي ٿو . وفاقي حڪومت گڏيل اتحادي حڪومت هجڻ ڪري صرف پيپلز پارٽي جي حڪومت نه آهي . ملڪ ۾ مهنگائي جو طوفان عالمي صورتحال جو حصو آهي . آئي ايم ايف جا سمورا شرط قبول ڪرڻ باوجود اڃان به قرض ۾ رڪاوٽ پيدا ڪئي وڃي پئي .جيڪا رڪاوٽ سياسي بحران سان به پيدا ٿي آهي . جنهن جي ڪري سمورن آپشن تي غور ڪري سگهجي ٿو . جمهوريت کانسواءِ ملڪ جي ترقي ناممڪن آهي . ملڪ ۾ ڪو به غير جمهوري عمل نه ٿي رهيو آهي نه وري غير جمهوري عمل قبول ڪري سگهجي ٿو . چونڊون مقرر وقت تي ٿيڻ سان جمهوريت کي رليف ملي سگهندو مهنگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ به حڪومت جي ذميواري آهي . جنهن لاءِ وفاقي اتحادي حڪومت پيٽرول صرف هڪ ملڪ سان معائدي بجاءِ ٻين ملڪن روس ، ايران کان به خريداري شروع ڪري سگهجي ٿي . يوڪرين جي جنگ عالمي اشو آهي . جيڪو شهباز شريف بحران پيدا نه ڪيو آهي نه وري وزير اعظم جنگ ڪئي آهي . عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جا اگهه وڌي رهيا آهن ته وري ڪٿي گهٽجي رهيا آهن . جنهن جو اثر ملڪ تي ٿيو آهي پر اسان پنهنجي عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون . ٽنڊو محمد خان ۾ عوام سان عيد ملڻ جي بعد مختلف آجياڻن ۾ پڻ شرڪت ڪئي ۽ شهر جي مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ احڪامات جاري ڪيا .

پهنجو تبصرو موڪليو