دادو(ن سنڌيار)دادو جي عدالت غير قانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن کي 4-4 سال قيد جي سزا ۽ 50-50 هزار ڏنڊ جو فيصلو ٻڌايو ڪرمنل ٽرائيل ماڊل ڪورٽ جي جج نديم بدر قاضي جي عدالت 13 ڊي جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي 5 جوابدارن ستار خاصخيلي، امتياز بروهي، ممتاز ڀنڊ، رياض ڀنڊ، اسماعيل بروهي کي سزا ۽ ڏنڊ جا حڪم ٻڌايا،عدالتي فيصلي بعد جوابدارن کي جڊيشنل لاڪ اپ مان ڊسٽرڪٽ جيل دادو منتقل ڪيو ويو جوابدارن خلاف سرڪاري فرياد تي جوهي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي.










