هوم سيريز دوران پچون ۽ ٽيم سليڪشن سمجهه ۾ نه آئي: انضمام الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق چيو آهي ته هوم سيريز دوران پچون ۽ ٽيم سليڪشن سمجهه ۾ نه آئي.لاهور ۾ هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي انضمام الحق چيو ته سمورا ڪرڪيٽر ملڪ جي خدمتن لاءِ تيار رهندا آهن، جيڪڏهن نئين مئنيجمينٽ ۾ مون کي ڪو موقعو ملي ٿو ته ڏسندس.هن چيو ته ڪپتاني ڏکيو معاملو آهي، ڪپتاني ڪرڻ ۽ سکڻ سان ايندي آهي، بابر اعظم تي جيڪڏهن ڪو دٻاءُ هجي ها ته سندس انفرادي ڪارڪردگي تي فرق پئي ها.سندس چوڻ هو ته هوم سيريز دوران مون کي پچون سمجهه ۾ نه آيون، بالرن کان ڪارڪردگي جو نه پر پچون ٺاهيندڙن کان ضرور پڇاڻو ڪرڻ گهرجي، مون کي سليڪشن به سمجهه ۾ نه آئي، گهڻن آل رائونڊرن کي شامل ڪيو ويو.انضمام الحق وڌيڪ چيو ته ڪوچ جي حيثيت سان فيور ڏيڻ نه ڏيڻ جي ڳالهه درست ناهي، ضروري ناهي ته هتان جا ڪوچ فيور ڏيندا هجن، ملڪي ڪوچ به باصلاحيت آهن، انهن سٺا نتيجا ڏنا آهن، لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، ثقلين مشتاق ۽ محمد يوسف سٺو ڪم ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو