هوائي اڏي تي راڪيٽ حملو، اميرڪي فوج هٿان 10 شهري قتل

هوائي اڏي تي راڪيٽ حملو، اميرڪي فوج هٿان 10 شهري قتل

ڪابل(ويب ڊيسڪ)داعش پاران ڪابل هوائي اڏي تي راڪيٽن سان حملو، اميرڪي فوج راڪٽ فضا ۾ ئي تباهه ڪري ڇڏيا. اميرڪي فوج هڪ شڪي گاڏي تي حملو ڪيو جنهن ۾ 10 شهري مارجي ويا جن ۾ 6 ٻار به شامل آهن. گذريل ڏينهن هڪ گهر تي اميرڪي حملي ۾ 9 ڄڻا مارجي ويا هئا. اميرڪي فوج جي ترجمان چيو آهي ته هو شهرين جي موت بابت جاچ ڪري رهيا آهن.طالبان ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته هو جائزو وٺن پيا ۽ جلد رد عمل ڏيندا. هوائي اڏي تي 6 راڪيٽ هڻڻ جي ذميواري قبولي ورتي آهي. ياد رهي ته داعش ۽ طالبان ۾ ڪافي عرصي کان جهيڙو هلندڙ آهي. داعش خراسان تائين محدود آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو