تهران (ويب ڊيسڪ)حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ايران جي گادي واري هنڌ تهران ۾ ادا ڪئي وئي.اسماعيل هنيه جي جنازي نماز ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي اڳواڻي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. جنازي ۾ شرڪت ڪندڙن اسماعيل هنيه جي تصوير ۽ فلسطيني جهنڊا کنيا، جڏهن ته اسماعيل هنيه جي جنازي کي ايران جي اڳوڻي صدر ابراهيم رئيسي جهڙو پروٽوڪول ڏنو ويو.اسماعيل هنيه کي جمعي تي قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سندس مڙهه اڄ دوحا منتقل ڪيو ويندو. سندس جنازي نماز جمعي کانپوءِ امام محمد بن عبدالوهاب مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن بعد تدفين لوسيل قبرستان ۾ ڪئي ويندي.










