اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي ۾ انتهاپسند گروپ بلوچستان جي هزارا برادري کي نشانو بنائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ هي انتهاپسند گروپ داعش سان ملي ويا آهن جنهن مچ واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪو ڪجهه مچ ۾ ٿيو اهو ڏکوئيندڙ آهي. هزارا برادري جي مدد ۽ تحفظ جي لاءِ هر قدم کڻنداسين. عمران خان چيو ته ماضي ۾ انتهاپسند گروپ بلوچستان جي هزارا برادري کي نشانو بنائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ هي انتهاپسند گروپ داعش سان ملي ويا آهن جنهن مچ واقعي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي.وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته پهريان جڏهن هزارا برادري کي نشانو بنايو ويو هو ته مان اپوزيشن ۾ هئس ۽ ڪوئٽه ويو هئس. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بلوچستان جي علائقي مچ ۾ هٿياربندن ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 پورهيتن کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هو.قتل ٿيندڙ سمورن ماڻهن جو تعلق هزارا برادري سان هو جن جي وارثن وزيراعظم جي پهچڻ تائين لاشن جي تدفين نه ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي.










